سيد غلام علي شاهه سرخ بخاريءَ جو ميلو

سيد غلام علي شاهه سرخ بخاريءَ جو ميلو: سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ سيد غلام علي شاهه سرخ بخاريءَ جو ميلو هر سال صفر جي مهيني جي 21 کان 23 تاريخ تائين سندن درگاهه ديهه گرنار تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ لڳندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو به ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان مشهور پهلوان حصو وٺندا آهن، انهي کان سواءِ ڀلن اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا انعامي مقابلا به ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن. ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل به ٿيندي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا مشهور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ميلي جي موقعي تي لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويندو آهي.


لفظ سيد غلام علي شاهه سرخ بخاريءَ جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو